آئرش ماڻهو

آئرلينڊ جي ٻيٽ جو نسلي گروهه


آئرش ماڻھو(انگريزي: Irish People ) ھڪ نسلي گروھ ۽ قوم جو نالو آهي جنھن جو تعلق آئرلينڊ جي ٻيٽ سان آھي جيڪي ساڳين ابن ڏاڏن، شناخت ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ آھن. آئرلينڊ 12500 سال اڳ آباد ٿيڻ شروع ٿيو ھو. شروع ۾ آئرش گيئل ماڻھو ھئا. نائين صدي عيسويءَ ۾ اتي اسڪينڊينيويائي نورس ماڻھن جو ننڍو تعداد اچي آباد ٿيو جن کي وائيڪنگس سڏيو ويندو هو. اھي گيئل ماڻھن سان ملي ويا تہ آبادي نورس-گيئل ٿي وئي. اينگلو نارمن آئرلينڊ جي ڪجهه حصن کي ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ فتح ڪيو ۽ ان بعد 16 ۽ 17 صدي عيسويءَ ۾ انگلينڊ جي ڪنگڊم آئرلينڊ کي فتح ڪيو تہ ھتي انگرين ۽ اسڪاٽ ماڻھن جي آمد وڌي خاص طور تي اترئين پاسي انھن جو اضافو ٿيو. اڄ اھو اتريون علائقو نادرن آئرلينڊ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ شامل آهي ۽ باقي آئرلينڊ جو ڏاکڻو وڏو حصو آئرلينڊ جي ريپبلڪ جي نالي سان ھڪ آزاد رياست آھي.
آئرش ماڻھو پنھنجون الڳ ريتون رسمون، الڳ ٻولي، الڳ موسيقي، الڳ ثقافتي رقص، الڳ کاڌا، رانديون ۽ لباس وغيره رکن ٿا. انھ. جي مادري ٻولي اڪثريت ۾ انگريزن ٿي چڪي آهي پر آئرش ٻولي بطور مادري ٻولي پڻ ڳالھائي وڄي ٿي ۽ ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي اھا پھرين سرڪاري ٻولي آھي. ھتان جا ماڻھو پھرين بت پرست مقامي مذھبن سان تعلق رکندڙ ھئا جنھن بعد چوٿين کان اٺين صدي عيسويءَ دوران ھتي جا ماڻھو عيسائيت ۾ داخل ٿي ويا. ھنن ماڻھن کي عيسائي درويشن ۽ عالمن جي قوم پڻ سڏيو ويندو هو.

آئرش ماڻھو
ڪل آبادي
دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 8 ڪروڙ ماڻھو[1]
نمايان آبادي وارا علائقا
 جمھوريه آئرلينڊ   4,045,473 (2020 جو تخمينو)[2]
نادرن آئرلينڊ   1,810,863 (2011)[3]
 گڏيل آمريڪي رياستون 40,000,000+ [4]
 گڏيل بادشاھت (نادرن آئرلينڊ کانسواءِ) 650,000 پھريون نسل [5]
 آسٽريليا 7,000,000 [6]
 ڪينيڊا 4,544,870 [7]
 نيوزي لينڊ 600,000 [8]
 ارجنٽائن 500,000 [9]
 چلي 120,000 [10]
 فرانس 15,000 [11]
ٻوليون

آئرش ,
انگريزي (ھبرنو انگريزي),
اسڪاٽ (السٽر اسڪاٽ لھجا),
شيلٽا

مذھبَ

گھڻي ڀاڱي عيسائيت
(اقليت ۾ رومن ڪيٿولڪ مذھب، پروٽيسٽنٽ مذھب ۽ ٻين مذھبن وارا

لاڳاپيل نسلي گروھ

آئرش سيلاني, اينگلو آئرش, گيئل ماڻھو، بريٽن، ڪورنش، انگريز، آئيسلينڊر[12] مينڪس, نورس, اسڪاٽ, السٽر اسڪاٽ، ويلش

  1. ceu@scotland.gsi.gov.uk, Scottish Government, St. Andrew's House, Regent Road, Edinburgh EH1 3DG Tel:0131 556 8400. "The Scottish Diaspora and Diaspora Strategy: Insights and Lessons from Ireland". www.scotland.gov.uk. 
  2. Ethnic Irish at Ethnologue (22nd ed., 2020)
  3. Demography of Northern Ireland
  4. American FactFinder, United States Census Bureau. "U.S. Census Bureau, 2007". Factfinder.census.gov. وقت 10 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-05-30.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. Maybin, Simon. "How many Britons are entitled to an Irish passport?". 
  6. "Department of Foreign Affairs - Emigrant Grants". وقت 28 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Ethnic Origin (264), Single and Multiple Ethnic Origin Responses (3), Generation Status (4), Age Groups (10) and Sex (3) for the Population in Private Households of Canada, Provinces, Territories, Census Metropolitan Areas and Census Agglomerations, 2011 National Household Survey". Statistics Canada. 
  8. "The Irish in New Zealand: Historical Contexts and Perspectives - Brian Easton". www.eastonbh.ac.nz. 
  9. "Flying the Irish flag in Argentina". Western People. وقت 14 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 July 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. O'Higgins Tours. "Los irlandeses en Chile". حاصل ڪيل 10 January 2010. 
  11. "Présentation de l'Irlande". France Diplomatie : : Ministère de l'Europe et des Affaires étrangères. 
  12. Helgason, Agnar (2000). "Estimating Scandinavian and Gaelic ancestry in the male settlers of Iceland". The American Journal of Human Genetics 67 (3): 697–717. doi:10.1086/303046. PMID 10931763. 
  NODES
3d 1
os 1
text 1