بوھي مڱ
بوهي مُڱ: (Ground-nut) هيءُ نالي مڱ يا چڻا يا چئونرا سڏبا آهن، مگر آهي ٻي شيءِ. هندستانيءَ ۾ ڪڏهن ان کي چيني بادام ۽ ڪڏهن موم ڦلي چوندا آهن. هي اصل الهندي آفريڪا يا ويسٽ انڊيز مان آيل آهن. هن جو وڻ نه ٿو ٿئي پر ول ٿي ٿئي. ان جي عجيب خاصيت اها آهي ته جيڪي ٻج جون ڦريون ڪري سي هڪدم پاڻ ئي زمين ۾ هڻي لڪائي ڇڏي، جتي پيون وڌن ۽ پچن. اها ول جون ۾ گل ڪري ٿي ۽ جنوريءَ ۾ سندس ڦريون کوٽي ڪڍندا آهن. هڪ هڪ ڦريءَ ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي ڏنگا چئونرن يا پستن جهڙا داڻا ٿين ٿا. اهي ڪچا به کائبا آهن ۽ بوهي يا ڀُڃي به کائبا آهن. جڏهن ڦريون کوٽي ڪڍجن تڏهن پراڻيون وليون ناس ڪري ڇڏجن. ٻئي سال جي ٻج پوکڻ لاءِ وري ڪا زمين هٿ ڪجي. پوک ٻنيءَ وانگي ٿئي ٿي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکبو آهي. هن لاءِ زمين هلڪي وارياسي چڱي آهي. بوهي مڱ کي انگريزيءَ ۾ گرائونڊنٽ يا مانيلانٽ چوندا آهن.[1] سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ان کي مڱيرا به سڏيو ويندو آهي.
Peanut | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | Plantae |
(unranked): | Angiosperms |
(unranked): | Eudicots |
(unranked): | Rosids |
ترتيب: | Fabales |
خاندان: | Fabaceae |
ذيلي خاندان: | Faboideae |
Tribe: | Dalbergieae |
نسل: | Arachis |
جنس: | A. hypogaea |
حياتياتي نالو | |
Arachis hypogaea L. |
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو