سماق (عربي: حجر ڪلڪون، فارسي: سنگ سماق، ھندي/اردو وغيره: پٿرا رنگين ۽ حجرالسرومه) رنگارنگي ۽ جوهردار پٿر جو هڪ قسم آهي، جيڪو بلڪل سخت ٿيندو آهي. هن جا ٻہ - ٽي قسم ٿيندا آهن. هن مان کرل ٺاهيندا آهن.

خاصيت: هن کي گـَـهي پيارجي تہ دل هول ۽ خفقان کي فائدو ڪري، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن جو سرمون نظر کي وڌائي ٿو ۽ اکين جي ڌنڌ لاءِ مفيد آهي.[1]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  NODES