سِسٽم ٿيوري (System Theory) يا جنرل سِسٽم جي نظريي مطابق دنيا ۾ موجود هر سرشتي ۾ ڪي نه ڪي هڪجهڙايون ۽ ڳانڍاپا موجودآهن. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ڪو به سرشتو پنهنجي اندر موجود مختلف ايڪن يا حصن جي وچ ۾ رابطي ۽ اتحاد جو هڪ ذريعو آهي. جديد دور ۾ بين الاقوامي تعلقات جي علم جو اڀياس "سِرشتي جي ڇيد" واري تصور هيٺ بيٺل آهي. هن نظريي جا وڪيل چون ٿا ته بين الاقوامي تعلقات جو سائنسي طرز جو اڀياس لاڳاپيل مواد کي رڳو ترتيبي انداز ۾ سمجهڻ يعني ڪنهن به سياسي سرشتي جي مختلف پرتن جي عمل جو جائزو ان عمل ۾ حصيدار مختلف ايڪن جي ڪارڪردگيءَ مان ئي ڪري سگهجي ٿو. ان جو مثال ڏيندي هن فڪري رويي جي ماهرن جو خيال آهي ته بين الاقوامي تعلقات جي اندر به هڪ سرشتو موجود آهي، جيڪو رياست يا قوم جي روپ ۾ هڪ ايڪي يا حصي طور سرگرمي ڪندي پاڻ کي "وڏي ڪُل" يعني بين الاقوامي ماحول سان مستقل طور ڳنڍي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪو به سرشتو پنهنجو جُدا وجود هوندي به ڪنهن نه ڪنهن وڏي ۽ عظيم سرشتي جي ماتحت (Sub System) آهي. هاڻوڪي بين الاقوامي نظام اصل ۾ يورپي رياستي سرشتي مان نِسريو آهي. جيتوڻيڪ ان کان پهرين به رياستون موجود هُيون، پر اهي ملڪي سرحدن جي اندر قيد هيون ۽ ڪنهن عالمي سرشتي جو وجود پڌرو نه هئو. "سِسٽم ٿيوري" کي سمجهڻ لاءِ هيٺين نُڪتن کي بنيادي اهميت حاصل آهي.

  • عالمي سطح تي مڃتا رکندڙ ڌرين جي موجودگي، جيڪي ڪن ضابطن هيٺ هڪ۔ٻئي سان لاڳاپا رکنديون هُجن.
  • هڪ موثر ضابطو جنهن کي سمجهڻ لاءِ مختلف رياستن جي رويي ۽ لهه۔وچڙ جي انداز کي پرکيو وڃي.
  • بين الاقوامي لاڳاپن جي اڀياس لاءِ خاص قسم جي طريقن/لاڙن (Methods /Approaches) جو استعمال.

هن نظريي کي 1955ع ۾ نامياري آمريڪي عالم مِڪڪليلئنڊ ('McClelland) اڳيان آندو، پر اصل مڃتا آمريڪا جي ئي جڳ مشهور سماجي سائنسدان مارٽن ڪَپلان کي مليل آهي. ان جو چوڻ هو ته سياست کي سائنسي بنيادن تي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي "سِسٽم ٿيئري" جي ڏنل طريقن يا سرشتن جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي.[1]

  NODES