قرامطي
قرامطي يا ڪرمتي (انگريزي: Karmati) مصر جي پاسي بادشاھ ٿي گذريا، جن جو مذھبي فرقو صوفين ۽ اسماعيلي شيعن يعني بوھرن ۽ خواجن وانگي ھند ۽ سنڌ ۾ به اچي نڪتو. امڪان آھي ته ڪرمتي ماڻھو سما يا سومرا ھجن، ڇا لاءِ جو گھڻا سومرا ڪرمتي فرقي جا ھئا. ڪرمت مڪران ۾ ھڪڙو مقام پڻ آھي، جتان ھيءُ ماڻھو آيل ٿا سڏجن ۽ انھيءَ ڪري بلوچن ۾ داخل ٿي سگھن ٿا، جيئن بروھي ۽ مڪراني آھن. اھي قرمطي، قديم وقت کان ساڪري جي پاسي رھندا ھئا ۽ سندن سردار کي جاگيرون مليل ھيون ۽ اڃان به اٿن.[1]
عمان ۽ بحرين، بلوچستان جي آمهون سامهون آهن. بلوچ مڪران جي ميدن کي شڪست ڏيئي، جاٽن جي مقابلي ۾ پنهنجو طرفدار ڪيو هو. سنڌ جي عربي حڪومت يمنين ۽ نزارين جي جهڳڙن ڪري ڪمزور ٿي چڪي هئي. بلوچ ۽ ميد گڏجي منصوره تي ڏکڻ کان ۽ جاٽن اتر کان حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا. سنڌ جي ڪاهه وقت بلوچ عربن کي مدد ڏني هئي ۽ ڪجهه وقت بني اميه سلطنت جا طرفدار هئا، سي جلد سازشي جماعتن جا طرفدار ٿي بيٺا، مثلا، هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ بني اميه سلطنت اندر ٽي مخالف جماعتون پيدا ٿيون هيون:
• شيعا جن کي پهريائين علوين سان ۽ پوءِ فاطمين سان همدردي هئي.
• خود بني اميه وارا، جيڪي حڪومت جا حامي هئا ۽ حجاز تائين پکڙيل هئا ۽
• خارجي، جيڪي ظاهري علوين جا طرفدار هئا، پر مٿين جماعتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي تماشو ڏسندا هئا.
بلوچ جيڪي فطري جنگجو هئا، سي پهرينءَ ۽ پوئينءَ جماعت سان شامل هئا.
ڪابه انقلابي تحريڪ خراسان يا عراق ۾ منهن ڪڍندي هئي، ته جهٽ ان جو اثر مڪران، سجستان ۽ سنڌ تي پوندو هو. عباسي خليفي، امين ۽ مامون جي جنگ وقت بلوچ، طاهر ذواليمين جي جهنڊي هيٺ، خراسان جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا، مامون جو طرف ورتو هو. جاٽن، بصري ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي، لٽ مار مچائي ڏني هئي. هيڏانهن ميدن سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا کان وٺي ويندي مڪران جي ڪناري تائين فساد کڙا ڪيا هئا.
بڪير بن ماهان بلوچ عباسي تحريڪ جو داعي ۽ نقيب هو، سندس دعوت تي سنڌو نديءَ کان وٺي فرات تائين رهندڙ بلوچي قبيلا، ميد ۽ جاٽ عباسين جا طرفدار ٿي بيٺا. سنه 128 ھجري ۾ ابو مسلم خراساني بلوچن جي هڪڙي سردار، جديع ڪرماني جي مدد سان عباسين جي ڪاري جهنڊي کي مرو جي جبلن تي کوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. منصور عباسي بغداد جي تعمير کان پوءِ بلوچن جي يادگار لاءِ بغداد جي هڪڙي دروازي تي ’باب خراسان‘ نالو رکيو هو. بلوچن مان اڄ به هڪڙو قبيلو مڪران ۾ "نقيب" سڏجي ٿو. خاران جا نوشيرواني نواب منوچهر جي نسل مان آهن، جي عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي مسلمان ٿيو هو.[2]
ڊي بوئر، ڊچ مستشرق جي بيان موجب، سال 281 ھجري ۾، ڪوفي جي هڪڙي غالي شيعي حمدان قرامطي (Qarmati) نئون مذهب يا فرقو ٺاهيو. انهيءَ ئي سال قرامطي معتقدن مان يحيي بن مهدي بحرين ۾ وارد ٿي ۽ اهڙيءَ طرح بحرين فسادن جو مرڪز بنجي ويو. سال 286 ھجري ۾ ابو سعيد الجنابي کُليءَ طرح بحرين وارن کي نئين مذهب جي دعوت ڏني. سال 287 ھجري ۾، هن شامي لشڪر کي شڪست ڏيئي، بصري تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ حجر به سندس قبضي هيٺ اچي ويو. سال 291 ھجري ڌاري قرامطي يمن تائين پکڙجي ويا. سال 311 ھجري ۾ قرامطي ابو طاهر سليمان بن ابي سعيد جنابي جي اڳواڻيءَ هيٺ مڪه معظمه تي ڪاهي، ڪعبي پاڪ مان حجر اسود پٽي، پاڻ سان عراق ڏانهن نيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حج ڪيترا سال صفا بند ٿي ويو. آخر خليفي مطيع بالله کين وڏي رقم ڏيئي، حجر اسود خانه ڪعبه ۾ موٽائي آندو.
سال 355 ھجري ۾ آل بويه وارن عمان تي ڪاهي، قرامطين کي شڪست ڏني. بلوچ به ڪرمان کان وٺي سنڌ جي سرحد تائين ڏهڪاءُ ۽ ڦرمار ڪرڻ جي نتيجي ۾ بويه وارن کان شڪست کاڌي. بويه وارن کان هارائڻ کان پوءِ، قرامطين، مڪران جي ڪناري کي وسايو. ستت ئي سندن مڪران جي رند بلوچن سان مائٽي ٿي ويئي. سندن تحريڪ بلوچستان ۾ اهڙو زور ورتو، جو مڪران کان سروان ۽ نوشڪي ۽ سيستان تائين رهندڙ بلوچن ۽ براهوئن جا قبيلا ساڻن شريڪ ٿي ويا. تنهن کان پوءِ ميدن کي شڪست ڏيئي، مڪران جي بندر، ڪلمت کي مرڪز ٺاهي، سنڌ ۽ گجرات جي ڪناري وارن شهرن تي ڌاڙا هڻڻ لڳا.
بلوچن ۾ هڪڙو قبيلو قمراطي آهي، جو ڪلمتي سڏجي ٿو. انهن عمان کان نڪري مڪران جي بندر ڪلمت کي وسايو. اڄ به سندن سرداري قائم آهي. ڪلمتين پورچوگيزن سان جنگيون جوٽيون هيون.[3][4]