کُنڀيون:(انگريزي: Mushrooms ) برسات پوڻ بعد ٽئين - چوٿين ڏينهن کنڀيون ازخود اُڀريو پون. برسات بعد جي گرمي ٿي ته جام نڪرنديون آهن. مٿيون ڀاڱو بيضوي شل اتي اڇي رنگ جو هوندو آهي، اُڀرڻ بعد ٻن – ٽن ڏينهن تائين، ۽ پَٽڻ بعد ٻارهن ڪلاڪن تائين ڀاڄي جي ڪم اينديون آهن، پوءِ ڪاريون ٿي وينديون آهن. ٻار جهنگ مان چونڊي جهول ڀري ايندا آهن. انهن جي ڀاڄي بلڪل وڻندڙ ۽ لذيذ ٿيندي آهي. ٻيا کُنڀا ٿيندا آهن، جن جو مٿيون ڀاڱو گول هوندو آهي، جو ڳڀ سان ڀريل هوندو آهي. انهن جي به ڀاڄي ڪبي آهي. پچڻ بعد اهو ڳڀ ناسي رنگ جو اٽو ٿي پوندو آهي، جنهن کي کُنڀن جو اٽو چئبو آهي. ٿري ماڻهو اهو اَٽو گڏ ڪري ڪنهن ڪُني ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. ماڻهو يا وهٽ جو هَڏو ڀڄي پوي يا سخت ڌڪ لڳڻ ڪري سور هجي ته اهو اٽو مکڻ ۾ ملائي کارائبو آهي ته فائدو ٿي پوندو آهي[1].


  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  NODES
os 1